اسلام آباد – 11 مئي (اي پي پي) ڪينيا جي پارليامينٽ جي ميمبر فرح مالم محمد احمد چيو آهي ته پارليامينٽ کي قانو?? سازي کان نٿو روڪي سگهجي، سياست اڄ ڪاروبار بڻجي ويو آهي، احتجاج سان ڪا به شيءَ حاصل نٿي ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آئين پاڪستان جي گولڊن جوبلي جي حوالي سان عالمي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته انگريزن قانون کي ڌار، ڌار ناهي ڪيو، منهنجي حساب سان درست جمهوريت اومان ۽ ڪويت جي آهي، قانون جيڪڏهن ختم به ڪيو وڃي ته قانون رهي ٿو. هن چيو ته اس??ن کي غلطي ورجائڻ بدران ان مان سکڻ جي ضرورت آهي. ڪنهن ملڪ ۾ احتجاج سان به شيءَ حاصل نٿي ڪري سگهجي، هن چيو ته ڇا شام، عراق، صوماليه ۾ امن آهي؟ جيڪڏهن اوهان سوچيو ٿا ته يورپ آمريڪا اوهان جي مدد ڪندا ته ائين بلڪل ناهي. هن چيو ته آئين حرف آخر ناهي. اس??ن کي گهرجي ته اسان پنهنجا نمائندا پاڻ چونڊيون. اس??ن کي پنهنجي پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم ۽ حضرت عمر جي زندگي سان طرز حڪومت سکڻ گهرجي. انس??ن کي سادي زندگي گذارڻ گهرجي، اڄ جي دور ۾ سياست هڪ ڪاروبار بڻجي ويو آهي. هن چيو ته آمريڪا جا مڊل ڪلاس ماڻهو مختلف جاين کان آيل ماڻهو آهن، اسان جا پنهنجي قبيلا ۽ طبقا به آهن پوءِ به جهيڙا ٿيندا آهن، آئين هڪ زنده جاويد ڪتاب آهي، پارليامينٽ کي قانو?? سازي کان نٿو روڪي سگهجي ڇاڪاڻ ته پارليامينٽ جو ڪم ئي قانو?? سازي جو آهي، قانون ۾ جهول هوندو ته ان ۾ ترميم ڪرڻ جي ضرور?? هجڻ گهرجي.