اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هباز شريف خيبرپختونخواهه جي ضم ٿيل ضلعن جي لاءِ بجيٽ ۾ خصوصي ترقياتي منصوبا شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ?? ان سلسلي ۾ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد ??هباز شريف سان خيبرپختونخواهه جي ضم ٿيل ضلعن سان تعلق رکندڙ قوم?? اسيمبلي ميمبرن ڪالهه اربع ڏينهن ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد ??هباز شريف سان ملاقات ڪندڙن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين واري ??فا??ي وزير ساجد حسين طوري، قوم?? اسيمبلي ميمبرن محسن داوڙ ۽ محمد ??مال الدين شامل هئا. ملاقات ۾ ناڻي وارو ??فا??ي وزير اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو ??فا??ي وزير احسن اقبال ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه جي ضم ٿيل ضلعن جي ماڻهن جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. ملاقات ۾ قوم?? اسيمبلي ميمبرن وزيراعظم کي بجيٽ جي حوالي سان خيبرپختونخواهه صوبي جي ضم ٿيل ضلعن جي مسلئن جي حل لاءِ قدمن ۽ ترقياتي منصوبن تي تجويزون ڏنيون. وزيراعظم انهن تجويزن جي آجيان ڪندي لاڳاپيل عملدارن کي ان تي مشاورت ڪري انهن کي بجيٽ ۾ شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.