اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان هلندڙ مهيني معاهدو ٿيڻ جي اميد آهي، پوري دنيا ۾ هن وقت مهانگائي پنهنجي عروج تي آهي، اڳوڻي حڪومت معيشت جو جنازو ڪڍي ڇڏيو هو، مهانگائي جي بار هيٺ دٻيل عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آهي، زرعي شعبي ۾ خوشحالي جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، معيشت جي ترقي سياست استحڪام سان واڳيل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ميمبرن کي ڀليڪار ڪيو. هن بطور وزيراعظم جي صلاحڪار مقرري تي شيخ روحيل اصغر کي مبارڪباد ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو ته هو محنت سان پنهنجون ذميوار??ون ادا ڪندو. وزيراعظم ??ابينا کي ٻڌايو ته ناڻي واري وزير اسحاق ڊار گذريل ڏينهن معيشت جي صورتحال تي پريس ڪانفرنس ۾ خيالن جو اظهار ڪيو آهي، اها ڳالهه لڪل نه آهي ته 14 مهينا اڳ جڏهن اسان ذميواري سنڀالي ته اسان جي آڏو وڏا معاشي چئلينجز هئا، گذريل حڪومت آءِ ايم ايف سان جيڪو معاهدو ڪيو هو پاڻ ئي ان جون ڌڄ??ون اڏا??ون ه??ون ۽ پاڻ ئي ان جي خلاف ورزي ڪئي، اسان وڏي مشڪل سان آءِ ايم ايف سان معاملا طئي ڪيا. وزيراعظم ??يو ته گذريل سال ماحولياتي آلودگي جي ڪري تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو جنهن معيشت کي تمام گهڻو نقصان پهچايو، ان جي باوجود ٻوڏ سٽيلن جي بحالي ۽ ريليف جي لاءِ ڪابينا جي ڪيترن ئي ميمبرن ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن پوري محنت سان ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو، عالمي ادارن کان به مدد ورتي وئي ۽ وفاق ۽ صوبن پنهنجي وسيلن مان اربين رپيا خرچ ڪيا، وفاق ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ 100 ارب رپيا خرچ ڪيا، دوست ملڪن اسان جو ساٿ ڏنو. هن چيو ته ٻوڏ سان ان جي معيشت کي 30 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو. وزيراعظم ??يو ته يوڪرين ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال سان عالمي منڊين ۾ ضروري شين جون قيمتون وڌي ويون، دنيا ۾ ٻاڙائي جو رجحان رهيو جنهن جو پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن کي اربين ڊالر کان وڌيڪ ادا ڪرڻ جي صورت ۾ نقصان ٿيو ڀلي اهو تيل جي قيمتن جو معاملو هجي يا ڀاڻ، ڪڻڪ ۽ ڪپهه جو، هر لحاظ کان اسان تي بار ۾ ا ضافو ٿيو. وزيراعظم ??يو ته آءِ ايم ايف سان گڏ ويٺاسين ۽ آءِ ايم ايف جي سمورين شرطن کي جيئن جو تيئن نه رڳو تسليم ڪيو پر اسان ان سلسلي ۾ پوري طرح شروعاتي قدم پڻ کنيا. وزيراعظم ??يو ته آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول ايگريمنٽ تي اڃا تائين صحيحون ناهن ڪ??ون و??ون جنهن کانپوءِ بورڊ ۾ اهو معاملو وڃڻو آهي. وزيراعظم ??يو ته اميد ڪرڻ گهرجي ته سمور??ون شرطون پور??ون ڪرڻ کانپوءِ هلندڙ مهيني آءِ ايم ايف جو نائنٿ ريويو مڪمل ٿي بورڊ مان ان جي منظوري ٿي ويندي. وزيراعظم ??يو ته ان جي آءِ ايم ايف جي ايم ڊي سان هڪ ڪلاڪ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن جي نتيجي ۾ آئون اها ڳالهه چئي رهيو آهيان. مون انهن کي تجويز ڏني هئي ته جيڪڏهن توهان خاطري ڪرايو ته وڌيڪ جيڪي هڪ ٻه ضروري قدم آهن اسان اهي به ڪنداسين. هن مون کي زباني ڪمٽمنٽ ڏني جنهن جي نتيجي ۾ اسان اهي قدم به کڻي ورتا آهن تنهن ڪري هاڻي ڪا رڪاوٽ باقي نه آهي. وزيراعظم ??يو ته مون جيڪي مسئلا توهان آڏو رکيا آهن ان سان پاڪستان جي عام ماڻهو جي مٿان مهانگائي جو تمام گهڻو بار پيو آهي، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته دنيا ۾ هن وقت مهانگائي عروج تي آهي، ڀلي اهو برطانيا آهي يا امريڪا، هر جڳهه مهانگائي آهي پر انهن جي معيشت ۾ ايتري سگهه آهي جو اهي پنهنجي عوام کي ريليف ڏئي سگهن ٿا پر جڏهن اسان پاڪستان جي واڳ سنڀالي ته گذريل حڪومت معيشت جو جنازو ڪڍي چڪي هئي، انهن 14 مهينن ۾ جيڪي مشڪلاتون اسان تي آ??ون اهي مون ٻڌا??ون آهن، ان دوران اسان جي پراڻي ۽ اعتماد جوڳي دوست چين اسان جي ڀرپور مدد ڪئي، اسان کي مالي تعاون فراهم ڪيو ۽ گذريل ٻن ٽن مهينن ۾ چيني حڪومت جو تعاون انتهائي مددگار ثابت ٿيو ۽ ان جي تفصيل ۾ آئون نه پيو وڃان، آءِ ايم ايف جي حوالي سان پنهنجي ڀائر ملڪ سعودي عرب ۽ يو اي اي اسان جو ساٿ ڏنو ۽ آءِ ايم ايف جون جيڪي اضافي شرطون ه??ون انهن موجب سعودي عرب 2 ارب ڊالر ۽ يو اي اي هڪ ارب ڊالر جو تعاون فراهم ڪيو ۽ ڏکئي وقت ۾ اسان جي تمام گهڻي مدد ڪئي جنهن تي اسان جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون. وزيراعظم ??يو ته اسان جي سامهون چئلينج اهو آهي ته مهانگائي غريب ماڻهو تي تمام گهڻو بار وڌو آهي، اسان جي اقتصادي ترقي جنهن رفتار سان ٿيڻ گهرجي ها اها شديد متاثر ٿي آهي. وزيراعظم ??يو ته الله تعاليٰ جو تمام گهڻو فضل ۽ ڪرم آهي جو جاري خساري جي حوالي سان گذريل مهينن ۾ بهتري آئي آهي ۽ اهو گهٽ ٿي 3.3 ارب ڊالر رهجي ويو آهي. هن چيو ته اسان جي وسيلن تي تمام گهڻو بار آهي. وزيراعظم ??يو ته بجيٽ جي تياري ۾ برآمد ڪندڙن، ڪاروباري طبقي، آءِ ٽي ماهرن سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن سان مشاورت ڪئي وئي آهي، مون پاڻ ان سلسلي ۾ ملاقاتون ڪ??ون آهن. هن چيو ته اسان کي زرعي شعبي ۾ تمام جلد سٺا نتيجا حاصل ٿي سگهن ٿا، رڳو ان ڳالهه تي خوش ٿي وڃڻ ته آبادگار کي ڪڻڪ جي سٺي قيمت ملي آهي ته ان لاءِ سٺي فصل ٿي آهي، اهو صحيح نه آهي، اهو الله تعاليٰ جو فضل ۽ ڪرم آهي. هن چيو ته دنيا جي مختلف ملڪن جي في ايڪڙ پيداوار اسان کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي، اسان کي ان سلسلي ۾ اڳڀرائي جو جائزو وٺڻو پوندو ڇو ته اسان ماضي ۾ ان سلسلي ۾ ڪا خاص ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهياسين، ڪڻڪ، ڪمند، ڪپهه ۽ مختلف ٻين فصلن جي في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ جي ضرورت آهي، اسان کي ان سلسلي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي ۽ ڳوٺاڻن علائقن، ڳوٺن ۾ زرعي جنسن تي ٻڌل وليو ايڊيڊ چينز قائم ڪرڻ??ون پونديون، انب جي فصل کي بهتر اسٽوريج جون سهولتون فراهم ڪري محفوظ ڪري سگهجي ٿو. زرعي پيداوار جي ويليو ايڊيشن ڪري سگهجي ٿي، زرعي شعبي ۾ اربين ڊالر جي روانگي واپار جا امڪان موجود آهن. وزيراعظم ??يو ته زراعت تي ڌيان ڏئي زرعي علائقن ۾ خوشحالي آڻي سگهجي ٿي، نوجوانن کي روزگار فراهم ڪري سگهجي ٿو. وزيراعظم ??يو ته حڪومت ان سلسلي ۾ ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي، ان بابت لاڳاپيل وزير قوم کي آگاهه ڪندا. هن چيو ته پوري دنيا ۾ معيشت جي ترقي سياسي استحڪام سان واڳيل هوندي آهي، جنه?? ملڪ ۾ سياسي استحڪام نه هوندو اتي معيشت تباهه ٿي وڃي ٿي، پاڪستان ۾ گذريل سوا سال کان جيڪا سياسي عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ ان جي لاءِ جيڪي ذريعا پيدا ڪيا ويا ۽ جيڪو بيانيو اختيار ڪيو ويو ۽ جهڙي طرح جٿابندي ڪئي وئي ان سان ه?? ملڪ ۾ سياسي طوفان آيو، جنهن معيشت جي ڦيٿي کي جام ڪيو، سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري اٽڪل ختم ٿي وئي، ملڪ جي اندر سيڙپڪاري رڪجي وئي، صنعتون به متاثر ٿيون، سياسي استحڪام کانسواءِ کربين ڊالر جي سيڙپڪاري جو به ڪو فائدو ناهي هوندو، ان سياسي استحڪام آڻڻ جي لاءِ اسان سڀ گڏ آهيون، رياست پاڪستان ۽ ادارا ان سلسلي ۾ هڪ آهن، سياسي استحڪام آڻينداسين ته معاملو اڳتي هلندو. وزيراعظم ??يو ته عام ماڻهو ان صورتحال ۾ پيڙهجي ويو آهي، ان جي پگهار ۾ خاطرخواهه اضافو نه ڪيو ويو ته اڻوڻندڙ حالتن کي منهن نه ڏئي سگهندو ان جي لاءِ اسان جي ذميواري آهي ته اسان پگهاردار طبقي جي مشڪلاتن جو خيال ڪر??ون ته جيئن اهو طبقو پنهنجي ٻارن ٻچن جو پيٽ پالڻ جي ذميواري پوري ڪري سگهي، اهڙي طرح پينشنرز جي پينشنز پن ناڻي واڌ جي ڪري شديد متاثر ٿي آهي، اسان کي پينشنرز جو به خيال ڪرڻو آهي. وزيراعظم ??يو ته ڪابينا ميمبرن جي راءِ جي روشني ۾ حڪومت فيصلا ڪندي، الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان ڪڻڪ جي بمپر ڪراپ ٿي آهي، ڪپهه جي فصل به وڏي پئماني تي پوکيءَ وئي آهي، اسان الله تعاليٰ کان اميد ڪر??ون ٿا ته هو ڪرم فرمائيندو، دنيا ۾ گئس جون قيمتون هيٺ اچي ره??ون آهن، اسان گئس جو نئون ڪانٽريڪٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ماضي جي مقابلي ۾ جيڪڏهن گهٽ قيمت تي گئس خريد ڪئي وڃي ته ان جي سراسري قيمت کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو جنهن سا?? ملڪ ۾ اقتصادي ڦيٿو تيزي سان هلندو.