اسلام آباد – 04 –جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جا??ان ??ي پ??ڏيهي وزير يوشيماسا حياشي جي دعوت تي پهرين جولاءِ کان 4 جولاءِ تائين جا??ان ??و دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران ??اري بيان موجب ٽوڪيو ۾ پرڏيهي وزير جا??اني پ??ڏيهي وزير سان ٻطرفن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ وزيراعظم فوميو ڪشيدا سان ملاقات ڪئي. ٻنهي پ??ڏيهي وزيرن ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جن ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري، دفاعي تعاون، تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، پيشيواراڻي تربيت، ماڻهن جي وچ ۾ مٽاسٽا ۽ پاڪستان مان جا??ان کي افرادي قوت جي برآمد شامل آهي. هنن علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڌرين ڳالهه ٻولهه ۽ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ هر سطح تي مصروف رهڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هنن پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ خاص طور تي سولرائيزيشن، ڊي سيلي نيشن ۽ واٽر پيوري فڪيشن، هائوسنگ ۽ انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير جي شعبي ۾ اعليٰ اثرن وارن پروگرامن تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. هنرمند افرادي قوت جي چرپر کي آسان ??ڻائڻ جي لاءِ پاڪستان ۾ جا??اني زبان ??ي لاءِ لينگئيج اسڪل ٽيسٽ ڪرائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ايشيائي ترقياتي بئنڪ انسٽيٽيوٽ کي خطاب ڪيو جتي هن علائقائي رابطن ۽ اقتصادي تعاون جي پ??ڪستان ??ي ويزن بابت ڳالهه ڪئي. هن پاڪستان ۽ جا??ان ??ي وچ ۾ لاڳاپن جي اهميت ۽ پاڪستان ۽ جا??ان ??ي وچ ۾ وسيع ۽ گهڻ رخي اقتصادي تعاون تي زور ڏنو جيڪي ڪاميابي ۽ گڏيل خوشحالي ۽ ترقي کي جنم ڏئي سگهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۽ جا??ان گڏجي هڪ مضبوط ۽ موثر انفراسٽرڪچر نيٽ ورڪ جوڙڻ ۽ علائقائي رابطن کي فروغ ڏئي سگهن ٿا، ان ??ان نه رڳو ٻنهي ملڪن پر پوري خطي ۾ واپاري ڪاٿي کي وڌائي سگهجي ٿو. پرڏيهي وزير جا??اني ڪاروباري ادارن جي ايگزيڪيوٽوز، جا??ان ??نٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي ۽ جا??ان ??يڪسٽرنل ٽريڊ آرگنائيزيسن (جيٽرو) جي نمائندن ۽ جا??اني سول سوسائٽي جي اهم ميمبرن پڻ ملاقات ڪئي. انهن ملاقاتن ۾ هن پاڪستان ۽ جا??ان ??ي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي وسيع امڪانن کي اجاگر ڪيو ۽ جا??اني ادارن کي پ??ڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. جا??ان ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ميمبرن سان ڳالهه ٻولهه ۾ پرڏيهي وزير ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي سهولت ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي مضبوط عز?? جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو ٽوڪيو جو دورو پاڪستان ۽ جا??انج ي وچ ۾ اعلي?? سطح جي سياسي مصروفيتن جو هڪ اهم موقعو فراهم ڪري ٿو. اها ڳالهه ٻولهه ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ فائديمند تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيندي.