اسلام آباد – 04 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 7 جولاءِ تي تقد?? قرآن ڏهاڙو ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان ڏينهن سڄي مل?? ۾ احتجاج ڪيو ويندو. سوئيڊن واقعي تي قومي ح??مت عملي جوڙڻ جي لاءِ خميس ڏينهن پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ اهم اجلاسٿيو. اجلاس ۾ سوئيڊن ۾ قرآن ڪريم جي بي حرمتي جي معاملي تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم 7 جولاءِ تي تقد?? قرآن ڏهاڙو ملهائڻ جو فيصلو ڪيو. جمعي ڏينهن 7 جولاءِ تي سوئيڊن واقعي جي خلاف سڄي مل?? ۾ احتجاج ٿيندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف سمورين پارٽين سميت پوري قوم کي ??حتجاج ۾ شريڪ ٿيڻ جي اپيل ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته پوري قوم هڪ زبان ٿي شيطاني ذهنن کي پيغام ڏيندي، جمعي ڏينهن سڄي مل?? ۾ سوئيڊن واقعي جي مذمت ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون وڃن، وزيراعظم شهباز شريف خميس ڏينهن پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ سوئيڊن واقعي تي قومي ح??مت عملي جوڙي وڃي، پارليامينٽ جي فورم تان قوم جي جذبن ۽ احساسن جي ڀرپور ترجماني ڪئي وڃي، وزيراعظم اها به هدايت ڪئي آهي ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ گڏيل قرارداد منظور ڪئي وڃي، وزيراعظم پاڪستان مسلم ??يگ (ن) کي ??معي ڏينهن تقد?? قرآن ڏهاڙي ۾ ڀرپور شرڪت جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم پاڪستان مسلم ??يگ (ن) جي صدر جي حيثيت سان پارٽي کي ??ڄي مل?? ۾ احتجاجي ريليون ڪڍڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف اجلاس کي ??طاب ڪندي چيو آهي ته قرآن ڪريم جي عزت ۽ حرمت اسان جي ايمان جو حصو آهي، ان جي لاءِ اسان سڀ هڪ آهيون، گمراهه ذهن اسلامو فوبيا جي منفي رجحان کي پکيڙڻ جي ڪڌي ايجنڊا تي عمل پيرا آهن. هن چيو ته سڄي دنيا جون امن پسند، گڏيل بقاءَ تي گڏيل رکندڙ قومون ۽ قيادت اسلامو فوبيا جو شڪار ۽ مذهبي تعصب رکندڙ پرتشدد قوتن جو رستو روڪين، مذهب، مقدس هستين، عقيدن ۽ نظرين کي نشانو بڻائيندڙ پرتشدد ذهن دنيا جي امن جي لاءِ خطرو آهن، عالمي سطح تي پرامن، متوازن ۽ بين المذاهب هم آهنگي تي يقين رکندڙ قوتون گڏجي اهڙن رجحانن ۽ واقعن جي تدارڪ جي لاءِ ڪم ڪن.