اسلام آباد – 25 – جولاءِ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف ڊيره اسماعيل خان ۾ 8 ترقياتي منصوبن جو افتتاح ۽ پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. وز??راعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڊيره اسماعيل خان پهتو جتي هن م??تلف ترقياتي منصوبن جو افتتاح ڪيو ۽ پيڙهه جو پٿر رکيو. ان موقعي تي پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، مواصلات واري وفاقي وز??ر اسعد محمود، توانائي واري وفاقي وز??ر انجنيئر خرم دستگير، پيٽروليم واري مملڪتي وز??ر مصدق کانسواءِ علائقي جي معززين ۽ اڳواڻن جو وڏو انگ موجود هو. وز??راعظم جن 8 وڏن ترقياتي منصوبن جو افتتاح ڪيو ۽ پيڙهه جو پٿر رکيو، انهن ۾ يارڪ کان پهاڙپور روڊ، بنون چوڪ کان موٽروي روڊ، ڊيره اسماعيل خان باءِ پاس، يارڪ کان ٽانڪ سميت مختلف رابطا روڊن، 2020 ڪي وي سب اسٽيشن ۽ تيل ۽ گئس جي فراهمي جا منصوبا شامل آهن.