اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پرامن نموني عاشوره جي گذرڻ تي شڪر جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ ??ان جاري بيان موجب وزيراعظم محرم الحرام دوران امن ا??ان يقيني بنائڻ تي وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله، سمورن صوبائي گهرو وزيرن، وفاقي ۽ صوبائي اختيارين ۽ سيڪيورٽي فورسز کي شا??اسي ڏني ۽ چيو ته وڏن وزيرن، صوبائي توڙي ضلعي انتظاميه ۽ پوليس آءِ جيز ک?? محرم الحرام دوران بهترين انتظام ڪرڻ تي مبارڪون پيش ڪيان ٿو. وزيراعظم چيو ته امن ا??ان کي يقيني بڻائيندي عاشوره جي جلوسن جي لاءِ بهترين انتظام ڪيا ويا، وفاقي ۽ صوبائي کاتن ۽ سيڪيورٽي جي سمورن ادارن بهترين تعاون سان ڪم ڪيو. وزيراعظم چيو ته پوليس آفيسرن ۽ جوانن کي شا??اسي ڏيان ٿو جن ڏينهن رات سيڪيورٽي جا ??رض نڀايا، الحمدلله سيڪيورٽي جي بهترين انتظامن جي ڪري ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش نه آيو.