اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان اي??رپ??رٽس اٿارٽي قائم ڪرڻ سميت ٽن بلن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اليڪشنز (ٻي ترميم) بل 2023?? جي منظوري ڏني آهي. بل جو مقصد اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ ترميم ڪرڻ آهي. صدر پاڪستان ساورن ويلٿ فنڊ بل 2023?? جي منظوري ڏني. بل جو مقصد پاڪستان ساورن ويلٿ فنڊ قائم ڪرڻ آهي. صدر پاڪستان اي??رپ??رٽس اٿارٽي بل 2023?? جي منظوري ڏني. بل جو مقصد اي??رپ??رٽس جي بهتر انتظام، آپريشن ۽ ترقي ۽ ايئر ٽرانسپورٽ خدمتن ۾ بهتري جي لاءِ پاڪستان اي??رپ??رٽس اٿارٽي جو قيام آهي. صدر ٽنهي بلن جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ڏني آهي.