لنڊن – 13 – سيپٽمبر (اي ??ي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني لنڊن ۾ ڪامن ويلٿ يوٿ منسٽرز اجلاس دوران برطانوي منسٽر آف اسٽيٽ لارڊ طارق احمد سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نگران پرڏيهي وزير ۽ لارڊ طارق احمد پاڪستان ۽ برطانيا جي گڏيل لاڳاپن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي وزيرن گڏيل لاڳاپن جي موجوده رخ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي طرفن کان گڏيل لاڳاپن جي وڌ??ڪ فروغ جي لاءِ گڏيل قدمن تي اتفاق سان گڏوگڏ گڏيل واپار ۾ اضافي، تعليم جي شعبي ۾ تعاون ۽ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏ??ل حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو. ٻنهي وزيرن گڏيل لاڳاپن کي وڌ??ڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ اداراجاتي رابطن کي مضبوط بڻائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ لارڊ طارق احمد برطانيا ۾ موجود پاڪستاني ڪميونٽي جي ٻنهي ملڪن جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو.