گڏيل قومون – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو اسرائيل فلسطين تڪرار کي بامقصد ڳالهين واري عمل جي ذريعي حل ڪري. پاڪستان جي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي خ??اب ڪندي چيو ته والاريل علائقن ۾ لکين فلسطيني فوجي گهيراءُ ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. ان اجلاس جي سربراهي سعودي عرب، عرب ليگ، مصر ۽ ??رد?? گڏيل طور ڪئي. هن پنهنجي خ??اب ۾ چيو ته ڪي به بامعنيٰ ۽ قابل عمل ڳالهيون فلسطيني عوام جي زندگين ۾ بهتري آڻي سگهن ٿيون. پاڪستان هڪ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ ڳالهين جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته اها بدقسمتي آهي ته فلسطين ۾ اسرائيل جي جارحيت، فضائي حملا، بستين جي توسيع، فلسطينين جي بي دخلي ۽ بيت ال??قد?? جي پائمالي جاري آهي. ڊگهي واري مدي واري پائيدار سياسي عمل ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ والاريل فلسطيني علائقي ۾ اسرائيل پاران آبادڪاري جا قدم آهن جيڪا عالمي قانون جي خل??ف ورزي آهي. جليل عباس جيلاني وڌيڪ چيو ته اسرائيل جا اهي قدم ڳالهين جي لاءِ سازگار ماحول کي خ??اب ڪري رهيا آهن. هن واضح ڪيو ته پاڪستان جو ويزن وچ اوڀر جي سمورن ماڻهن جي لاءِ مذهب، نسل ۽ قوميت کان قطعي نظر پائيدار امن آهي.