اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين سي پيڪ جي ڪاميابي کي يقيني ب??ائڻ جي لاءِ پرعزم آهن ۽ حڪومت سي پيڪ تحت م??تل?? منصوبن جي تڪميل ۽ انهن تي وقت سر عملدرآمد کي يقيني ب??ائڻ جي لاءِ چيني عملدارن سان گڏ ڪم ڪري رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زي ڊونگ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي نگرا?? وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ هر موسم ۾ آزمايل اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري رکندڙ منفرد لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ آئرن برادرز ۽ هڪ ٻئي جا اعتماد جوڳا دوست آهن. نگرا?? وزيراعظم چين جي صدر شي جن پنگ جي قيادت ۽ ويزن خاص طور تي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آئي) کي ساراهيو. نگرا?? وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبي سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معيشت، واپار ۽ ٽيڪنالاجيڪل لاڳاپن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين سي پيڪ جي ڪاميابي کي يقيني ب??ائڻ جي لاءِ پرعزم آهن ۽ حڪومت سي پيڪ تحت م??تل?? منصوبن جي تڪميل ۽ انهن تي وقت سر عملدرآمد کي يقيني ب??ائڻ جي لاءِ چيني عملدارن سان گڏ ڪم ڪري رهي آهي. چين جي سفير جي نگرا?? وزيراعظم سان پاڪستان ۾ بطور سفير ذميواريون سنڀالڻ کانپوءِ اها پهرين ملاقات هئي. نگرا?? وزيراعظم چيني سفير کي سفارتي ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي اميد ظا??ر ڪئي ته هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ ڪردار ا??ا ڪندو.