اسلام آباد-26 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس 27 آڪٽوبر تي والاريل ڪش??ير ۾ ڪارو ڏينهن ملهائڻ ۽ هڙتال جي ڪال ڏئي ڇڏي. سڄي دنيا ۾ ۽ لائن آف ڪنٽرول جي ٻنهي پاسي ڪشميري 27 آڪٽوبر (جمعي) کي ڪاري ڏينهن طور ملهائيندا. 1947ع ۾ انهي ڏينهن ڀارتي فوج غير قانوني طور تي ??ري??گر ۾ لٿي هئي جنهن والاريل ڪش??ير ۾ معصوم ماڻهن تي ڏاڍ ۽ جبر، قبضي، مظلوميت ۽ تسلط جو باب شروع ڪيو. هر سال 27 آڪٽوبر تي ڪاري ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي ت?? جيئن ڀارت جي غير قانوني قبضي خلاف احتجاج ڪري سگهجي ۽ عالمي برادري کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد جي حوالي سان پنهنجن وعدن کي ياد ڪرائڻ آهي جيڪي ڪشميرين جي خوداراديت واري حق جي حمايت ڪن ٿا. ڪش??ير ميڊيا سروس رپورٽ مطابق ان ڏينهن ڀارتي غير قانوني طور تي والاريل ڄمون ڪش??ير ۾ عوام طرفان مڪمل شٽر ڊائون ڪيو ويندو ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، پاڪستان ۽ سڄي دنيا ?? احتجاجي مارچ، ريليون ۽ سيمينارز جو بندوبست ڪيو ويندو. ڪشميري عوام ۽ مهذب دنيا 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارتي فوج جي علائقي ت?? حملي ۽ 5 آگسٽ 2019ع تي نريندر مودي جي قيادت هيٺ هندوتوا ڀارتي حڪومت طرفان والاريل ڪش??ير جي خاص حيثيت کي رد ڪرڻ جي مذمت ڪري ٿي.