اسلام آباد- 02 نومبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير سرفراز احمد بگٽي پاڪ افغان سرحدي ڪراسنگ پوائنٽس تي سهولت لاءِ عورتن ۽ ٻارن کي بايو ميٽرڪ کان ڇوٽ ڏي?? جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هو افغان ناظم الامور سردار احمد شڪيب سان ملاقات دوران خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو. ملاقات ۾ ٻطرفي معاملن ۽ افغان شهرين ??ي پنهنجي وطن ??اپسي جي حوالي سان ڳالهائيندي ڪئي. گهرو وزير سرفراز احمد بگٽي چيو ته پاڪستان ۾ غير قانوني طور تي ترسيل پرڏيهين جي واپسي جو سلسلو جاري آهي، هدايتون جاري ڪيون آهن ته پنهنجي وطن ??اپس ويندرن سان انتهائي عزت ۽ احترام سان پيش اچيو وڃي، هن چيو ته پروف آف رجسٽريشن ۽ افغان سٽيزن ڪارڊ ر??ند?? ماڻهن خلاف ڪا به ڪارروائي عمل ۾ نه پئي آندي وڃي، ان سلسلي ۾ ڪنهن ڪوتاهي ۽ بدتميزي کي هر گز برداشت نه ڪيو ويندو. گهرو وزارت ۾ ??ن ڏس ۾ ڪنٽرل سينٽر ۽ هيلپ لائن قائم ڪئي وئي آهي. افغان سفارتخانو هڪ نمائندو مقرر ڪري جيڪو شڪايت جي فوري حل لاءِ ڪنٽرول سينٽر سان هر وقت رابطي ۾ رهي، گهرو وزير جو چوڻ هو ته ڪراسنگ پوائنٽس تي سهولت لاءِ عورتن ۽ ٻارن کي بايوميٽرڪ کان ڇوٽ حاصل هوندي.