اسلام آباد-02 نومبر (اي پي پي) سياحت واري نگران مملڪ??ي وزير سيد وصي احمد فاطمي کي مملڪ??ي وزير جي عهدي سان نوجوانن بابت وزيراعظم جي خاص مددگار جون ذميداريون پڻ سونپيون ويون آهن. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي هدايت تي سياحت واري مملڪ??ي وزير وصي شاهه کي نوجوانن بابت خاص مددگار مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ وصي شاهه پاڪستان ٽوئر ازم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي چيئرمين جي معاملن جي نگراني ڪري رهيو هو. نگران وزيراعظم جي هدايت تي سياحت واري وزير طور ان جي ڪارڪردگي جو اعتراف ڪندي وصي شاهه کي نوجوانن بابت خاص مددگار جون ذميداريون سونپيون ويون آهن.