اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس ??ي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب نگران وزيراعظم غزه جي صور??حا?? تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ هلندڙ مهيني جي شروع ۾ او آءِ سي جي غيرمعمولي سربراهي اجلاس جي ميزباني ڪرڻ تي سعودي قيادت کي ساراهيو. هن عرب ۽ اسلامي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي اتفاق راءِ پ??دا ڪرڻ ۾ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي ڪردار کي ساراهيو. هن غزه ۾ تشدد جي خاتمي ۽ بيگناهه فلسطينين تي اسرائيل پاران ڪيل ظلمن کي روڪڻ جي لاءِ سفارتي ڪوششن ۾ پاڪستان جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو.