اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي پارليامينٽ پاران ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مستقبل بابت قانونسازي جي فيصلي کي ڀارتي قبضي کي برقرار رکڻ ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي انهن جي خودمختياري جي حق کان محروم ڪرڻ جو هڪ ٻيو فريب قرار ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير عالمي سطح تي مڃيل هڪ ??ڪراري علائقو آهي جنهن جو حتمي فيصلو گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ٿيڻو آهي. هن چيو ته ڪو ٻيو عمل ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جو متبادل نٿو ٿي سگهي. ترجمان چيو ته پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي قبضي کي ڪڏهن تسليم نه ڪيو، اسان ڪنهن به اهڙي قدم کي واضح طور تي رد ڪريون ٿا جي??و ڀارت جي قبضي کي برقرار رکندو هجي. ترجمان وڌيڪ چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي هڪ ??رفي ۽ غيرقانوني قدم ۽ ان کانپوءِ جي ڪيترن ئي ق??من جو مقصد ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي آبادياتي ڍانچي ۽ سياسي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ آهي، پاڪستان انهن ق??من جي سخت مذمت ڪري ٿو ۽ ان کي رد ڪري ٿو ڇو ته اهي ڪشميرين کي انهن جي پنهنجي سرزمين تي هڪ ??ي اختيار اقليت ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا. ترجمان چيو ته اهي قدم عالمي انساني قانون ۽ گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي پڻ واضح خلاف ورزي آهن، ڀارت کي انهن غيرقانوني ۽ هڪ ??رفي ق??من کي واپس وٺڻ گهرجي، والاريل ڪشمير جي ماڻهن کي ريليف ڏيڻ گهرجي ۽ امن ۽ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ هڪ مثبت ماحول پيدا ڪرڻ گهرجي. هن هڪ ڀيرو ٻيهر ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميرين ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.