اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معذور ??اڻهن ج?? چرپر ۽ پهچ وڌائڻ جي لاءِ انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن طرف معاشرتي روين ۾ تبديلي آڻڻي پوندي، انهن کي جامع تعليم ۽ هنر جي فراهمي کانپوءِ صلاحيتن ۽ معذوري جي حساب سان نوڪريون ڏيڻ گهرجن. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن سينٽر فار پيس اينڊ ڊيولپمينٽ انيشي ايٽوز جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ سينٽر فار پيس اينڊ ڊيولپمينٽ انيشي ايٽوز جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مختار احمد علي، سماجي ڪارڪن ۽ خصوصي ماڻهو شامل هئا. وفد صدر کي معذور ??اڻهن ج?? مخصوص ضرورتن ۽ مسئلن بابت ٻڌايو. صدر معذور ??اڻهن ج?? چرپر ۽ پهچ وڌائڻ جي لاءِ انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته خصوصي ماڻهن ج?? سهولت لاءِ بازارن ۽ عوامي جاين تي استعمال جوڳا ريمپس تعمير ڪرڻا پوندا. هن خصوصي ماڻهن ج?? معاون ٽيڪنالاجي تائين پهچ وڌائڻ جي لاءِ قدمن تي زور ڏيندي چيو ته انهن ج?? علم ۽ معلومات تائين پهچ وڌائڻ جي لاءِ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي جي مدد ورتي وڃي. صدر چيو ته معذور ??اڻهن طرف معاشرتي روين ۾ تبديلي آڻڻ جي ضرورت آهي، خصوصي ماڻهن کي جامع تعليم ۽ هنر جي فراهمي کانپوءِ صلاحيتن ۽ معذوري جي حساب سان نوڪريون ڏنيون وڃن، ان سلسلي ۾ سرڪاري ۽ نجي شعبي ۾ خصوصي ماڻهن ج?? نوڪرين ج?? ڪوٽا تي عملدرآمد جي ضرورت آهي، ان سان گڏوگڏ خصوصي ماڻهن ج?? معاشي خ??دم??تياري جي لاءِ انهن کي هنر ۽ قرضن ج?? فراهمي آسان بڻائڻي پوندي.