لاهور – 24 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ڊيجيٽل ??يڊ??ا جي دور ۾ فيڪٽ چيڪنگ جي مڪينزم کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? آهي ته ڊيجيٽل ??يڊ??ا ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي فائدن سان گڏ خطرا به موجود آهن، صحافت بنيادي طور تي عوام جي ڄاڻ جي حق جو دفاع ڪرڻ آهي، مصنوعي ذهانت کي استعمال ۾ آڻي ڪيترائي ڪم ڪيا پيا وڃن، ڊيجيٽل دور جي سنگين خطرن کي جانچڻ ضروري آهي. اها ڳالهه هن يونيورسٽي آف مئنيجمينٽ اينڊ ٽيڪنالاجي جي اهتمام هيٺ ٻي انٽرنيشنل ??يڊ??ا اينڊ ڪميونيڪشن ڪانفرنس کي خطاب ڪئي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چي?? ته 2024ع مختلف ملڪن ۾ چونڊن جو سال آهي جڏهن ته موجوده ڊيجيٽل دور ۾ وڏا چئلينجز درپيش آهن. هن چي?? ته صحافت جو بنيادي ڪم عوام جي ڄاڻ جي حق جو دفاع ڪرڻ آهي. هن ??يڊ??ا انڊسٽري تي زور ڏنو ته اها ذميواراڻي صحافت کي فروغ ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ عوامي مفادن جي تحفظ کي يقيني بڻائي. هن چي?? ته ڊيجيٽل دور جا چئلينجز به وڏا آهن، انٽرنيٽ ۽ سوشل ??يڊ??ا ٽيڪنالاجي جي ارتقا سان جتي فائدا ٿيا اتي آرٽيفيشل انٽيلي جنس، ڊيپ فيڪ، وائيس ڪلوننگ ۽ مس انفارميشن جي خطرن ۾ به اضافو ٿيو جيڪو موجوده دور ۾ جمهوريت، اظهار راءِ جي آزادي ۽ صحافت جي آزادي کي درپيش خطرن مان هڪ وڏو خطرو ??ڻجي سامهون آيو آهي. هن چي?? ته ??يڊ??ا ۾ جديد ٽيڪنالاجي جا جتي فائدا موجود آهن اتي خطرا به آهن. هن چي?? ته ڪجهه عرصو اڳ ٽرولز فارم شروع ٿيا جن کي هاڻي انسانن جي به ضرورت نه آهي، آرٽيفيشل انٽيلي جنس هڪ وڏو هٿيار بڻجي سامهون آيو آهي جنهن سان اهو ممڪن آهي ته تمام گهٽ خرچ ۾ مصنوعي ٽيڪسٽ، مصنوعي آواز ۽ مصنوعي وڊيوز تيار ڪري سگهجن ٿيون. هن چي?? ته صحافت جو بنيادي اصول ۽ تنظيمي ڍانچو گيٽ ڪيپر جو نظام آهي جنهن ۾ فيڪٽ چيڪنگ ۽ حقيقتن جي تصديق ان جي روح ۾ شامل هئي جڏهن ته نئين ??يڊ??ا ان گيٽ ڪيپر جي نظام کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي ڪري هاڻي ماڻهن تائين سچ آڻڻ مشڪل ٿي ويو آهي. هن چي?? ته ڊيجيٽل دور جي سنگين خطرن کي جانچڻ ضروري آهي، ان ڏس ۾ ويريفڪيشن لي??ارٽريز ٺاهڻ جي ضرورت آهي جڏهن ته نيوز رومز کي حقيقتن جي جانچ جي لاءِ ڊپارٽمينٽس ٺاهڻ گهرجن.