اسلام آباد – 01 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان پن??نجي فعال سفارتڪاري ۽ گهري لاڳاپن جي هڪ حصي طور ڪيريبين ۾ سينٽ ڪيٽس اينڊ نيوس ۽ بحرالڪاهل مارشل آئي لينڊ سان باضابطا طور تي سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا آهن. هفتيوار پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته پاڪستان پن??نجو سفارتي دائرو وسيع ڪندو رهندو ۽ سڄي دنيا جي ملڪن سان تعاون کي وڌائيندو رهندو. هن چيو ته اسان ننڍن جزيرن جي اسرندڙ رياستن تائين پهچ کي وڌائن جو ارادو رکون ٿا جيڪي گهڻ رخي سطح تي پاڪستان جي ??اء?? اهم حصيدار آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان گذريل ٽن سالن ۾ پالائو، ڪريباتي ۽ ڊومينيڪن ريپبلڪ سان سفارتي لاڳاپا قائم آهن.