لاهور-07 فيبروري (اي پي پي) سڄي ملڪ وانگر پنجاب ۾ به عام چونڊن 2024ع جي سلسلي ۾ پولنگ جو عمل (اڄ) 8 فيبروري صبح 8 وڳي کان شروع ٿي شام 5 وڳي تائين بنا رنڊڪ جي جاري رهندو، جنهن جي لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. اليڪشن ??ميشن جي انگن اکرن مطابق پنجاب ۾ 7 ڪروڙ 42 لک 90 هزار کان وڌيڪ ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا. اليڪشن ??ميشن پنجاب جي ترجمان موجب پنجاب ۾ عام چونڊن 2024ع جي سلسلي ۾ گذريل ڏينهن تياريون مڪمل ڪيو ويون هيون. اليڪشن ??ميشن پنجاب جي ترجمان موجب عام چونڊن ۾ پنجاب ۾ 7 ڪروڙ 42 لک 90 هزار 924 ووٽر ووٽ ڪاسٽ ڪندا جنهن ۾ مرد رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 3 ڪروڙ 96 لک 90 هزار 487 جڏهن ته عورت رجسٽرد ووٽرن جو تعداد 3 ڪروڙ 46 لک 437 آهي، اهڙي طرح پنجاب ۾ ڊسٽرڪٽ رٽرن??گ آفيسر 42، رٽرن??گ آفيسر 441، اسسٽنٽ رٽرن??گ آفيسر 882، ڊسٽرڪٽ مانيٽر??گ آفيسر 42، مانيٽر??گ آفيسر 1200 آهن. ڪل پولنگ عملي جو انگ 524070 آهي جن ۾ پرزائيڊ??گ آفيسرن جو انگ 53491، اسسٽنٽ پرزائيڊ??گ آفيسر جو انگ 313719 ۽ پول??گ آفيسرن جو انگ 156860 آهي ۽ ڪل پولنگ اسٽيشنن جو انگ 50900 آهي انهن پولنگ اسٽيشنن ۾ 28297 نارمل جڏهن ته 15617 حساس ۽ 6040 انتهائي حساس قرار ڏنيون ويون آهن. اليڪشن ??ميشن پنجاب جي جاري ڪيل پڌرائي موجب پولنگ اسٽيشننز جي 400 ميٽرن جي حد ۾ چونڊ مهم ه??ائ?? تي پابندي هوندي، ووٽرز کي ووٽ ڏيڻ لاءِ قائل ڪرڻ، اميدوار جي مهم ه??ائ?? تي پابندي هوندي. پولنگ اسٽيشن جي حد?? جي 100 ميٽر اندر جهڊا، بينرز لڳائڻ تي پابندي هوندي، ٻهراڙي ۽ شهري علائقن ۾ 100 ميٽرن جي فاصلي تي ڪيمپ لڳائي سگهبي. ڊي آر اوز ۽ پوليس انتظاميه اليڪشن ??ميشن جي حڪمن تي عملدرآمد ڪرائڻ جا پابند هوندا جڏهن ته خلاف ورزي جي صورت ۾ اليڪشن ??ميشن سخت ڪارروائي ڪندو. ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ اصل شناختي ڪارڊ گڏ رکڻ ضروري هوندو، قومي شناختي ڪارڊ جي ڪاپي ۽ پاسپورٽ قابل قبول نه هوندو، مدي خارج شناختي ڪارڊ تي به ووٽ ڪاسٽ ڪري سگهبو. ترجمان موجب شهري 8300 تي ميسيج موڪلي ووٽ بابت معلومات حاصل ڪري سگهندا، واضح رهي ته گذريل ڏينهن پولنگ لاءِ سامان پهچائڻ جو عمل جاري رهيو، چونڊ سامان سخت سيڪيورٽي ۾ پرزائيڊ??گ آفيسرن ۽ پولنگ عملي جي حوالي ڪيو ويو، صوبائي اليڪشن ??مشنر پنجاب اعجاز انور چوهاڻ چيو آهي ته عام چونڊن 2024ع کي پرامن بڻائڻ لاءِ سمورن چئلينجن باوجود اليڪشن ??ميشن وقت تي پنهنجو ڪم مڪمل ڪيو.