اسلام آباد-12 مارچ (اي پي پي)نجڪاري ۽ سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ح??ف کڻڻ بعد پنهنجي کاتي جي چارج سنڀالي ورتي ۽ کاتي جي آفيسرن جي پهرين باضابطه اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ کاتي جي معاملن جو تفصيلي جائزو و??تو ويو. استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر عبدالعليم خان مسلمان امت کي رحمتن ۽ برڪتن واري مهيني جون مبارڪون ڏيندي هن ڀلاري مهيني ۾ مس??حق ۽ مسڪينن جو خاص خيال رکڻ جي اپيل ڪئي. هن چيو ته ??ياست کان مٿاهون ٿي ملڪي معيشت جي بهتري ۽ عام ماڻهن کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ اهم ترين ٽاسڪ آهي جنهن کي پورو ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين.