اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته 9 مئي جي واقعن جا ثبوت عدالتن آڏو آهن، عدليه 9 مئي جي ڪيسز کي ??نطقي انجام تائين پهچائي. ??ي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ دفاع و??ري وزير خواجه محمد آصف سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ صحافي جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته 9 مئي جي واقعن جا ثبوت عدالتن جي سامهون موجود آهن، حملي آورن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي ۽ اهو واضح آهي ته ڪير مختلف عمارتن ۾ داخل ٿيو ۽ ڪير ٻاهر بيهي هدايتون ڏئي رهيو هو. هن چيو ته باني ??ي ٽي آءِ جي تمام گهڻي عزت ڪريون ٿا، سندس ٽي ڀينرون حملي وقت اتي موجود هيون پر انهن تي ڪيس داخل نه ڪيو ويو. هن چيو ته عدليه کي گذارش آهي ته 9 مئي جي ڪيسز کي ??نطقي انجام تائين پهچائي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته اسان جيلن جون سختيون ڀوڳيون آهن، تحريڪ انصاف جي دور ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان جيلن جيڪو اڻوڻندڙ سلوڪ ڪيو ويو، ان دور ۾ جيل عملدارن کي ??دايتون ج??ري ڪيون ويون ته جيلن ۾ قيد مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن کي ڊسمبر جي سخت سرديءَ ۾ فرش تي ويهڻ تي مجبور ڪيو وڃي، انهن کي ڪرسيءَ ۽ وِهاڻو به فراهم نه ڪيو ويو جڏهن ته باني ??ي ٽي آءِ کي ??رزش جي لاءِ سائيڪل ۽ واڪنگ گيلري دستياب آهي ۽ کاڌي ۾ ديسي مرغيءَ ڏني وڃي ٿي.