اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽانڪ ڊيره اسماعيل خان ۽ باغ ضلعي خيبر ۾ پاڪ فوج جي ده??تگردن جي خلاف ڪامياب آپريشن تي آفيسرن ۽ جوانن کي خراج تحسين جڏه?? ته شهادت ماڻيندڙ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪي?? آهي. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم ??اغ ضلعي خيبر ۾ آپريشن دوران شهادت ماڻيندڙ 5 جوانن نائيڪ محمد اشفاق بٽ، لانس نائيڪ سيد دانش افڪار، س??اهي تيمور ملڪ، س??اهي نادر صغير ۽ سپاهي محمد ياسين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته پاڪ فوج جي جوانن پنهنجي جانين جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ده??تگرد عنصرن جي خاتمي لاءِ ڪارروائي ڪئي، الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ۽ انهن جي گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي. وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري قوم شهيدن جي گهرڀاتين کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي، پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن ملڪي سلامتي کي سدائين پنهنجي جانين تي فوقيت ڏني. وزيراعظم چيو ته ده??تگردي جي ناسور جي ملڪ مان خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، پوري قوم ده??تگردي جي خلاف ان جنگ ۾ پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.