ڪوئيٽا – 08 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي ترقي جي لاءِ بلو??ست??ن جي ترقي کي لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته بلو??ست??ن مان احساس محرومي کي ختم ڪرڻ ۽ صوبي جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي، دانش اسڪولن کي بلو??ست??ن ۾ ڊويزن جي سطح تي سگهه ڏيڻ جو عزم آهي، بلو??ست??ن جا نوجوان اعليٰ تعليم يافته ٿيندا ته اهي صوبي ۽ ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار بلو??ست??ن جي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي بلو??ست??ن جو گورنر شيخ جعفر خان مندوخيل، وڏو وزير مير سرفراز احمد بگٽي، وفاقي وزير ۽ صوبائي ڪابينا جا ميمبر موجود هئا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ??ئو?? بلو??ست??ن حڪومت ٺهڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪوئيٽا آيو آهيان، بلو??ست??ن جي گورنر، وڏي وزير ۽ ڪابينا سميت عوام کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيان ٿو مون کي پورو يقين آهي ته بلو??ست??ن جي وڏي وزير جي قيادت ۾ صوبائي حڪومت صوبي جي عوام جي خدمت ڪندي ۽ بلو??ست??ن جي اندر ترقي ۽ خوشحالي جو انقلاب ايندو، بلو??ست??ن جو گورنر ڏاهو سياستدان آهي، اميد آهي ته هو آئيني ذميواري بهتر طريقي سان سرانجام ڏيندو، هن چيو ته بلو??ست??ن اهم صوبو آهي هتي آباد بلوچ، پشتون آبادڪارن سميت پيار محبت ڪندڙ خوبصورت ماڻهو آهن، هي صوبو پاڪستان جو خوبصورت علائقو آهي، بدقسمتي سان ترقي جي ڊوڙ ۾ هي پٺتي رهجي ويو. هن چيو ته خيبرپختونخواهه، بلو??ست??ن، سنڌ ۽ پنجاب جي عوام سميت پاڪ فوج، پوليس ۽ ٻين ادارن وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. زرعي ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي منتقلي جي حوالي سان هن چيو ته منهنجي قائد محمد نواز شريف جي صدارت ۾ اتحادي حڪومت هڪ فيصلو ڪيو آهي جنهن جا مثبت نتيجا نڪرندا، بجلي جي سبسڊي وارو باب ختم ڪري 28 هزار ٽيوب ويلز کي سولر تي منتقل ڪيو ويندو. جيڪڏهن ٽيوب ويلز سولر تي هلندا ته سستي ترين بجلي زميندارن کي ملندي. بلو??ست??ن جي وڏي وزير واعدو ڪيو آهي ته 28 هزار ٽيوب ويلز کي 3 مهينن ۾ شمسي توانائي تي منتقل ڪيو ويندو. وڏو وزير پاڻ سٺو ايڊمنسٽريٽر آهي. ان منصوبي سان بجلي جي چوري جو خاتمو ٿيندو، منصوبي جي لاءِ توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس لغاري، ناڻي واري وفاقي وزير اورنگزيب، قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، صنعت واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، توانائي واري سيڪريٽري، ناڻي واري سيڪريٽري ۽ خاص طور تي بلو??ست??ن جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ۽ ٻين جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته دل سان تمام گهڻي خوشي ٿي ته بلو??ست??ن جي وڏي وزير منصوبي جو فالو اپ ڪيو. هن چيو ته پوري پاڪستان ۾ تيل تي هلندڙ 10 لک ٽيوب ويلز آهن جن تي ساليانو 3.5 ارب ڊالر خرچ اچي رهيو آهي، اسان کي گڏجي هڪ بزنس ماڊل تحت صوبن سان گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ۽ ايتري وڏي خرچ مان ڇوٽڪارو اختيار ڪرڻو پوندو. صوبن سان گڏ جلد هڪ ماڊل جوڙيو ويندو. وزيراعظم چيو ته اسان قرض ۾ جڪڙيل آهيون، وفاق ۽ صوبا گڏجي عوام جي بهتري جي لاءِ ڪم ڪندا ته اسان جي ايندڙ نسل اسان کي ياد رکندي ۽ جيڪڏهن هن موقعي کي ضايع ڪيو ته اسان جي ايندڙ نسل اسان کي معاف نه ڪندي. وزيراعظم چيو ته وفاق هن سال بلو??ست??ن ۾ دانش اسڪولن جي لاءِ بجيٽ رکي آهي، باقي صوبن وٽ وڌيڪ وسيلا آهن جڏهن ته بلو??ست??ن جو جاگرافيائي جي حوالي سان زمين تمام وڏو آهي، انهن فاصلن جي لاءِ وسيلن جي ضرورت آهي ۽ وفاق مان دانش اسڪولن جو منصوبو بلو??ست??ن جي لاءِ رکيو آهي، وزيراعظم بلو??ست??ن حڪومت کي صوبي جا سمورا مسئلا حل ڪرڻ جو يقين ڏياريندي چيو ته صوبي جي سمورن مسئلن جو حل گڏجي ويهي ڪڍنداسين. بلو??ست??ن مان محرومي جي احساس کي ختم ڪرڻ ۽ صوبي جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار اداڪ رڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي. دانش اسڪولن کي بلو??ست??ن ۾ ڊويزن جي سطح تائين سگهه ڏيڻ جو عزم آهي. هن چيو ته وفاق بلو??ست??ن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ صوبائي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪندو، چين ۾ سرڪاري وظيفن تي زرعي شعبي جي پيشيواراڻي تربيت جي لاءِ ويندڙ شاگردن ۾ بلو??ست??ن جي 10 سيڪڙو وڌيڪ شاگردن جي ڪوٽا رکي آهي، چين ۾ هواوي تحت ٽي لک پاڪستاني نوجوانن جي انفارميشن ٽيڪنالاجي شعبي ۾ تربيت ۾ پڻ بلو??ست??ن جي شاگردن جي لاءِ 10 سيڪڙو اضافي ڪوٽا رکي وئي آهي. بلو??ست??ن جا نوجوان اعليٰ تعليم يافته هوندا ته اهي صوبي ۽ ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا، هن چيو ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ اسان جي مجبوري آهي، جيڪڏهن اسان پنهنجي وسيلن کي استعمال ۾ آڻينداسين ته ان مسئلي مان نڪري سگهون ٿا، هن ئي مهيني آءِ ايم ايف جي پروگرام جي لاءِ اپروچ ڪرڻو آهي، آءِ ايم ايف جو پروگرام ختم ڪرڻ مشڪل ضرور آهي پر ناممڪن نه آهي.مشڪل مان گذري ئي وڏيون وڏيون قومون ٺهيون آهن، جاپان، چين ۽ ٻين جا مثال اسان جي سامهون آهن. هن چيو ته اهو دور ايندو جڏهن اسان ترقي جي راهه تي گامزن ٿينداسين، اسلام آباد ۾ عوام جي لاءِ به هڪ منصوبو تيار ڪيو آهي جنهن ۾ عوام کي ريليف ڏينداسين. وفاق بلو??ست??ن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ صوبائي حڪومت سان گڏ آهن، صوبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ امن امان پهرين شرط آهي. هن چيو ته جڏهن ??ئو?? گذريل دور ۾ وزيراعظم هئس ته گوادر جا 7، 8 دورا ڪيا آهن هاڻي اسان جي حڪومت آئي ته خبر پئي ته اهو سيف سٽي وارو منصوبو بند ڪيو ويو. گوادر هڪ تمام وڏي بهترين ڪمرشل بندرگاهه بڻجندي. چين گوادر ۾ ايئرپورٽ، اسپتال منصوبا ڏنا. دهشتگردي جي واقعن جي حوالي سان هن چيو ته جيڪي دشمن چين جي خلاف ڪم ڪري رهيا آهن اهي بلو??ست??ن، پاڪستان ۽ اسان سڀني جا دشمن آهن، انهن کي اسان سڀ ڄاڻون ٿا، اسان گڏجي ان ناسور کي ختم ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته اربين ڊالر جي سيڙپڪاري ايندي ته ان جو فائدو سڀ کان اڳ بلو??ست??ن کي ملندو، بلو??ست??ن جي وڏي وزير ۽ ٻين ادارن سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي ٿي جيڪي مسئلا آهن اهي گڏجي حل ڪنداسين.