اسلام آباد- 25 جولاءِ (اي پي پي)صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته فرٽيلائي??ر ڪمپنيون ملڪ جي هر ضلعي ۾ هارين جي سهولت ۽ زرعي ترق?? لاءِ ماڊل سين??رن جي شروعات ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ??يٺ ٿيل فرٽيلائيزر رويو ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. جاري ڪيل بيان موجب اجلاس جو مقصد ملڪ ۾ ڀاڻ جي اسٽاڪ جي دستيابي ۽ اگهن جو جائزو وٺڻ هو. وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته هارين جي سهولت ۽ زرعي ترق?? لاءِ ڀاڻ ڪمپنين طرفان هر ضلعي ۾ ماڊل سينٽر کوليا ويندا ۽ هاري اصل اگهه تي ڀاڻ خريد ڪري سگهندا. حڪومتي قدمن سان ايجنسين ۽ ڊيلرز جو خاتمو ٿيندو. هن چيو ته فوجي فرٽيلائي??ر ڪمپني گذريل ڪجهه هفتن دوران ماڊل سينٽر ج?? افتتاح ڪيو آهي. اينگرو فرٽيلائي??ر ڪمپني ترجيحي بنيادن تي ماڊل سينٽر ج?? قيام جون تجويزون ڏي. هن وڌيڪ چيو ته ذخيرو ۽ اگهن ۾ ڦيرڦار ڪرڻ تي صوبائي حڪومت کي سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.