اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان کي ڀارت ۾ تاب??ار مواد جي چوري ۽ غيرقانوني وڪري جي بار بار پيش ايندڙ واقعن جي رپورٽس تي سخت ڳڻتي آهي، ڀارت ۾ تاب??ار مواد سان گڏ هڪ گينگ جي گرفتا??ي تي پاڪستان جي ردعمل بابت هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو ته تازي واقعي ۾ هڪ انتهائي تاب??ار ۽ زهريلو مواد ڪيليفورنيم غيرقانوني طور تي ماڻ??ن جي هڪ گروهه جي قبضي ۾ ڏٺو ويو، جن??ن جي ماليت 100 ملين ڊالر آهي، 2021ع ۾ ڪيليفورنيم جي چوري جا 3 واقعا به رپورٽ ٿيا هئا، گذريل مهيني 5 ماڻهو ڀاڀا اٽامڪ ريسرچ سينٽر (بي اي آر سي) مان مبينا طور تي چوري ٿيندڙ تاب??ار ڊيوائيس سان گڏ دهرادون ۾ ڏٺا ويا هئا. ترجمان چيو ته بار بار ٿيندڙ اهي واقعا نئين دهلي پاران ائٽمي ۽ ٻئي تاب??ار مواد جي حفاظت لاءِ کنيل قدمن تي سواليه نشان آهن. هن چيو ته اهي واقعا ڀارت ۾ حساس، ٻٽي استعمال جي مواد جي بليڪ مارڪيٽ جي وجود جي به نشاندهي ڪن ٿا، عالمي برادري ڀارتي عملدارن کان ان ڳالهه تي سنجيدگي سان پڇاڻو ڪرڻ جي خواهشمند آهي ته ڪيليفورنيم وانگر هڪ سيل شد?? تاب??ار ماخذ (ايس آر ايس) مواد ڪهڙي طرح پڪڙجي ويل ماڻ??ن جي قبضي ۾ هو. ترجمان چيو ته ڀارت ۾ اهڙي طرح جي حساس مواد جو غلط هٿن ۾ وڃڻ جو معمول خطرناڪ آهي. هن چيو ته پاڪستان انهن واقعن جي مڪمل جاچ ۽ انهن واقعن کي روڪڻ جي لاءِ مناسب قدمن جي مطالبي جو ورجاءُ ??ري ٿو.