اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) نجڪاري، سيڙپڪ??ري بورڊ ۽ مواصلات و??ري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته خس??ري وارن ادارن جي نجڪ??ري ڪري ملڪي خزاني جي بار کي گهٽ ڪرڻو آهي. اهڙو اظهار هن نجڪ??ري ڪميشن بورڊ ??ي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. جنهن ۾ وفاقي سيڪريٽ??ي سميت بورڊ ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ادارن جي نجڪ??ري بابت اهم معاملن جي منظوري ۽ ڊسڪوز، پي آءِ اي ۽ ٻين ادارن جي نجڪ??ري جي معاملن تي غور ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن نجڪ??ري ٿيندڙ ادارن لاءِ فنانشل ايڊوائيزرز جي مقرري ۽ ٻين فني معاملن تي اتفاق ڪيو. وفاقي وزير، نجڪ??ري ڪميشن بورڊ ??ي هن وقت تائين جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته عالمي معيار وارن ادارن کان فنانشل ايڊوائيزرز جي شموليت سٺي ڳالهه آهي. اسان کي قومي مفاد ۾ بهتر کان بهتر ۽ ٺوس فيصلا ڪرڻا پوندا. هن چيو ته قومي خزاني کي تمام گهڻو نقصان ٿي چڪو آهي، هاڻي وڌيڪ مالي دٻاء?? جي سٽ سهي نٿو سگهي، جيڪي ادارا به قاعدن ۽ ضابطن تي پورا لهن ٿا انهن کي نجڪ??ري جي عمل ۾ ضرور شامل ڪريو. نجڪ??ري ڪميشن بورڊ ٻين معاملن کانسواءِ بورڊ ??ي گذريل اجلاس جي ڪارروائي جي منظوري ڏني، بورڊ کي نيويارڪ کان پي آءِ اي جي روز ويلٽ هوٽل جي فني معاملن ۽ مختلف امڪانن تي بريفنگ پڻ ڏني وئي.