اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ٽپال کاتي صارفين جي سهولت لاءِ سڄي ملڪ جي 27 شهرن ۾ اڄ کان ”اڄ جي ٽپال اڄ ئي تقسيم“ ڪرڻ جي سهولت ف??اه?? ڪري رهيو آهي، جنهن کي ڪاروباري برادريءَ جي پٺڀرائي حاصل آهي. پاڪستان پوسٽ جي عملدارن ”اي پي پي“ کي ٻُڌايو آهي ته پاڪستان پوسٽ سڄي ملڪ جو قومي ادارو آهي، جيڪو ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن، ڳوٺن ۽ ٻهراڙيءَ ۾ صارفين کي پيشوراڻين خدمتن سان گڏوگڏ الائيڊ سروسز ف??اه?? ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اڄ جي ٽپال اڄ ئي پڄائڻ تحت 5 کان 20 ڪلوگرام سامان جي رسد جي سروس ف??اه?? ڪري رهيو آهي. هن چيو ته شروعات ۾ اسلام آباد، لاهور، ڪراچي، پشاور ۽ ڪوئيٽه ??مي?? هڪ ٻن وڏن شهرن ۾ سامان ۽ پارسل جي رسد آزمائشي بنيادن تي شروع ڪئي وئي، جنهن کي ڪاروباري برادريءَ جي ڀرپور پٺڀرائي حاصل ٿي. پوسٽ عملدارن ٻُڌايو ته ان وقت ملڪ جي 27 وڏن شهرن ۾ ف??اه?? ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ان حوالي سان هي سروس ٻين ڪوريئر ڪمپنين جي ڀيٽ ۾ انتهائي سستي ترين سروس ف??اه?? ڪري رهي آهي. پاڪستان پو??ٽ مستقبل ۾ اها سهولت ملڪ جي ٻين شهرن لاءِ به شروع ڪندي جنهن سان گهريلو ۽ ڪاروباري ٻنهي صارفين کي بااعتماد سروس گهر جي دروازي تي ميسر هوندي.