اسلام آباد -02 سيپٽمبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي، ته يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي بند ڪرڻ جو ڪو به منصوبو غور هيٺ ناهي، يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريش?? جي نئين سر جوڙجڪ جي مختلف آپشنز تي ڪم ٿي رهيو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريش?? جي وفد سان ملاق??ت دوران ڪيو. يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريش?? جي ايم ڊي ۽ صنعت ۽ پيداوار واري سيڪريٽري پڻ ملاق??ت ۾ شرڪت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته شفافيت آڻڻ لاءِ سبسڊي جو نئون طريقيڪار واضح ڪيو پيو وڃي. يو ايس سي بند ڪرڻ لاءِ حڪومت طرفان ڪو به هڪ طرفو ??دم نه کنيو ويندو. هن چيو ته سمورا فيصلا ملازمن سميت سڀني اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت سان ٿيندا ۽ سرڪاري ملازم?? جي مفادن جو تحفظ ڪيو ويندو.