اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (افغانستان ۽ اوڀر ايشيا) سفير احمد نسيم وڙائچ افغانستان بابت ماسڪو فارميٽ ڪنسلٽيشنز جي ڇهين اجلاس ۾ پاڪس??ان?? وفد جي قيادت ڪئي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پ??يس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ت?? ماسڪو فارميٽ جي ملڪن گڏيل بيان ۾ افغانستان ۾ امن امان جي صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي دهشتگرد ۽ عليحدگي پ??ند گروپن پاران عالمي ۽ علائقائي استحڪام کي لاحق خطرن جو ذڪر ڪيو. هن ان ضرورت تي زور ڏنو ته افغانستان دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جامع قدم کڻي ۽ پنهنجي سرزمين کي پ??ڙيسري ملڪن ۽ وسيع خطي جي خلاف ا??تع??ال ٿيڻ کان روڪي.