اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) چين جو و??ير??عظم لي چيانگ سومر ڏينهن چئن ڏينهن جي ٻطرفي دوري تي پاڪستان پهچي ويو. چين جو و??ير??عظم سندس دوري دوران ملڪي اعليٰ سول ۽ فوجي قيادت سان ملاقاتون ڪندو ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. چين جي و??ير??عظم سان گڏ وزير ۽ اعليٰ عملدارن تي ٻڌل هڪ اعليٰ سطحي وفد به آهي جنهن ۾ ناڻي ۽ ??اپ??ر واري وزارت، نيشنل ڊيولپمينٽ ۽ ريفارم ڪميشن ۽ چين جي عالمي ترقياتي ايجنسي جا ??في??ر به شامل آهن. چين جي ڪنهن به و??ير??عظم جو گذريل 11 سالن کانپوءِ پاڪستان جو هي پهريون دورو آهي.
نور خان ايئربيس پهچڻ تي و??ير??عظم محمد شهباز شريف ۽ نائب و??ير??عظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وفاقي ڪابينا جي ٻين ميمبرن ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن و??ير??عظم لي چيانگ جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي روايتي پاڪستاني لباس پهريل ٻن ٻارڙين معزز مهمانن کي گلدستا پيش ڪيا.
جڏهن ته مهمان و??ير??عظم کي 21 توپن جي سلامي ڏني وئي. پاڪستان جي هٿياربند فوج جي دستي معزز مهمان کي سلامي پيش ڪئي. چين جو و??ير??عظم بعد ۾ و??ير??عظم هائوس ۾ و??ير??عظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪندو جتي کيس باضابطا آجياڻي واري تقريب ۾گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويندو جنهن کانپوءِ ٻئي و??ير??عظم وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪندا جنهن ۾ پاڪ چين لاڳاپن جي سمورن رخن جنهن ۾ اقتصادي ۽ ??اپ??ري لاڳاپا ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه تحت تعاون تي مٽاسٽا ڪئي ويندي.
ڌريون چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي ٻئي مرحلي (سي پيڪ 2) ۽ ٻين ميگا پراجيڪٽس سميت ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ مفاهمت جي يادداشتن تي به صحيحون ڪندا.
چين جو و??ير??عظم گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو ورچوئل افتتاح پڻ ڪندو. پنهنجي پاڪستان جي دوري دوران چين جو و??ير??عظم صدر آصف علي زرداري ۽ پاڪستان جي پارلياماني اڳواڻن ۽ اعليٰ عسڪري قيادت سان ملاقاتون ڪندو. ان کانسواءِ هو 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهي ڪائونسل جي اجلاس ۾ به شرڪت ڪندو.