اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پ??ڪ بحريه کي اتر عرب سمنڊ ۾ منشيات جي خاتمي جي وڏي ۽ ڪامياب آپريشن ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر شڪي ٻيڙيءَ مان وڏي مقدار ۾ منشيات پڪڙڻ تي پ??ڪ بحريه کي ساراهيندي چيو ته پ??ڪ بحريه جي ملڪ دشمن ۽ ڏوهاري پيشي عنصرن جي خلاف موثر ڪارروائي ساراهه جوڳي آهي. هن چيو ته اتر عرب سمنڊ ۾ ڪمبائنڊ ٽاسڪ فورس 150 سان گڏ ڪامياب آپريشن پ??ڪ بحريه جي پيشيواراڻي صلاحيتن جي عڪاس آهي. گڏيل آپريشن ۾ پ??ڪ بحريه جي جهاز پي اين ايس ذوالفقار ۽ ??اڪ??تان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي جي جهاز پي ايم ايس ايس ڪولاچي حصو ورتو، گڏيل آپريشن ۾ آمريڪي بحريه جي ايئر ڪرافٽ ڪيريئر ??و ايس ايس ابراهم لنڪن، آمريڪي ڪوسٽ گارڊ ۽ پ??ڪ بحريه جي هوائي جهازن پڻ مدد فراهم ڪئي. صدر ??اڪ??تان جي سامونڊي حدن جي حفاظت ۽ سمنڊ ۾ غيرقانوني سرگرمين جي خلاف پ??ڪ بحريه جي ڪردار کي ساراهيو.