اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب ??زيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محم?? اسحاق ڊار سنگاپور جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ويوين بالا ڪرشنن سان دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب ??زيراعظم ۽ سنگاپور جي پرڏيهي وزير ٻطرفن لاڳاپن جي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ ٻطرفي تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه کي وسيع ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو. نائب ??زيراعظم سنگاپور سان مضبوط اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي تعاون تي ٻڌل وسيع لاڳاپا قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڌرين مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن اڀرندڙ عالمي چئلينجن جو جامع جواب تيار ڪرڻ جي لاءِ جامع علائقائي موقف جي ضرورت کي اجاگر ڪيو.