اسلام آباد – 02 نومبر (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آئين اظهار جي آزادي، صحافت جي آزادي ۽ معلومات تائين پهچ جو ??ق ڏئي ٿو، حڪومت ان کي يقيني بڻائي ٿي، امن کان علاوه، تڪرارن ۽ جنگ دوران صحافي پ??هنجي جان خطري ۾ وجهي رپورٽنگ جو فرض ادا ڪندا آهن، صحافين جي تحفظ کانسو??ءِ صحافت جي آزادي ممڪن ناهي. وزيراعظم آفيس پريس ونگ مطابق صحافين خلاف ڏوهن جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پ??هنجي پ??غام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ صحافي ماڻهن کي باخبر رکڻ ل??ءِ ڏينهن رات مصروف رهن ٿا، بدقسمتي سان صحافين کي سچ ڳالهائڻ تي مختلف خطرا، مصيبتن ۽ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، امن کان علاوه تڪرارن ۽ جنگن دوران به صحافي پ??هنجي جان خطري ۾ وجهي رپورٽنگ جو فرض ادا ڪندا رهن ٿا. وزيراعظم چيو ته سچ ڳالهائيندڙ صحافين کي پابندين، تشدد، ڌمڪين، اغوا ۽ قتل جهڙن خطرن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هن چيو ته غزه ۾ بين الاقوامي ڪنوينشنز باوجود درجنين صحافين کي ڄاڻي واڻي قتل ڪري سچ جو ??ستو روڪيو وي??، صحافين جي قتل عام تي عالمي برادري ۽ بين الاقوامي تنظيمن کي گهرجي ته اسرائيل کي انصاف ??ي ڪٽهڙي ۾ بيهارن. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته صحافين جي تحفظ کانسو??ءِ صحافت جي آزادي ممڪن ناهي، اسانجي حڪومت صحافين جي تحفظ ۽ انهن جي حقن جي پاسداري ل??ءِ ترجيحي قدم کنيا آهن. هن چيو ته پاڪستاني صحافين جمهوريت، آئين جي پاسداري ۽ قانون جي حڪمراني ل??ءِ عظيم قربانيون ڏنيون. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي تحفظ جو ??يڪٽ 2021 پاس ڪيو ويو آهي ۽ صحافين ل??ءِ هيلٿ انشورنس به وفاقي حڪومت جو ??حافين جي تحفظ ل??ءِ هڪ اهم قدم آهي، پاڪستان ۾ صحافين خلاف ڏوهن کي روڪڻ، ڏوهه ڪندڙن جي سزا کي يقيني بڻائڻ ۽ صحافين جي تحفظ ل??ءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان جو ??ئين ر??ءِ جي اظهار جي آزادي، صحافت جي آزادي ۽ معلومات تائين پهچ جو ??ق ڏئي ٿو ۽ پاڪستان جي حڪومت ان کي يقيني بڻائي ٿي.