لاهور-03 نومبر (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ڪاروباري ۽ واپاري برادري کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ون ونڊو آپريشن ذريعي بهترين سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. و??ير??عظم آفيس جي پريس ونگ موجب اهڙو اظهار و??ير??عظم محمد شهباز شريف برطانيه جي بااثر ۽ مشهور ڪاروباري شخصيتن تي ٻڌل وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو ??نه?? زبير عيسيٰ جي سربراهي ۾ آچر ڏينهن لاهور ۾ و??ير??عظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ برطانيه جون نامياريون ڪاروباري شخصيتون شامل هيون. و??ير??عظم چيو ته حڪومت جي ڪوششن سان تازو ئي ملڪي معيشت بهتري طرف گامزن ٿي آهي ??نه?? سان سيڙپڪارن جو اعتماد وڌيو آهي. و??ير??عظم وفد کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ترغيب ڏني. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ بزنس ٽو بزنس لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي حوالي سان تعاون جون نيون راهون ڳولهڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ پائيدار ترقي جي راهه تي گامزن ٿيڻ تي و??ير??عظم جي معاشي پاليسين جي واکاڻ ڪئي ۽ اعتماد جو اظهار ڪيو.