اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چي?? آهي ته والدين جي سڃاڻپ کان محروم ٻارن جي حوالي سان نادرا ۾ پاليسي موجود آهي، ان پاليسي تحت انهن ٻارن کي رجسٽرڊ ڪيو وڃي ٿو، اهڙن ٻارن جي لاءِ شرط آهي ته انهن جو تعلق اهڙي يتيم خاني يا چائلڊ پروٽي??شن يونٽ سان هجي جيڪو نادرا سان رجسٽرڊ هجي. هو سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر ثمينه ممتاز زهري جي قرارداد تي ڳالهائيندي رهيو هو. اطلاعات ??اري وفاقي وزير چي?? ته والدين کانسواءِ ٻارن جو جڏهن آءِ ڊي ڪارڊ ٺهي ٿو ته ولديت جي جڳهه رينڊملي نالو وڌو وڃي ٿو. هن چي?? ته جيڪڏهن والدين کانسواءِ آءِ ڊي ڪارڊ جاري ڪنداسين ته انهن سان امتيازي سلوڪ ٿيندو ۽ معاشري ۾ انهن جي لاءِ مشڪلاتون ٿينديون. هن چي?? ته ان معاملي کي ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ بدران نادرا چيئرمين سان ميٽنگ ڪري وٺون. هن ٻڌايو ته موجوده پاليسي تحت 280 ٻارن کي اڳ ۾ ئي رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي، ان کي وڌيڪ بهتر ڪري سگهجي ٿو، جيڪڏهن مجهول النسب لکيو ويو يا بنا والدين جي آءِ ڊي ڪارڊ جاري ڪيا ويا ته انهن ٻارن جي لاءِ معاشري ۾ جيئڻ مشڪل ٿي ويندو. هن چي?? ته يتيم خانن ۽ چائلڊ پروٽي??شن يونٽس کي نادرا سان رجسٽرڊ هج?? ضروري آهي ۽ اهڙن ٻارن جي سڃاڻپ جي لاءِ نادرا ۾ موثر نظام آڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهڙن ٻارن جي رجسٽريشن ممڪن ٿي سگهي. هن چي?? ته اطلاعات ??اري وزارت ان حوالي سان آگاهي مهم هلائڻ جي لاءِ تيار آهي. وفاقي وزير چي?? ته اهو ڪم پاڪستان جي ليجنڊ مرحوم عبدالستار ايڌي شروع ڪيو هو ۽ ان کي سپريم ڪورٽ جو تحفظ پڻ حاصل آهي، جيڪڏهن سينيٽ جي پروٽي??شن حاصل ٿي ويندي ته اهو وڌيڪ بهتر ٿي ويندو. هن چي?? ته اهو ڏسڻو پوندو ته اهو نظام ڪيئن ٺهي سگهي ٿو جنهن ۾ ٻارن جو نقصان نه ٿئي ۽ اسان وڌ کان وڌ ٻارن کي ان طريقي سان رجسٽرڊ ڪري انهن کي آءِ ڊي ڪارڊ جاري ڪري سگهون. اطلاعات ??اري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ثمينه ممتاز زهري جي سوال جي جواب ۾ چي?? ته جيڪڏهن ڪنهن جا والدين نه آهن ته نادرا ڊيٽابيس جي اندر رينڊملي ڪو به نالو ولديت ۾ لکيو وڃي ٿو ۽ ڊيٽابيس مان خبر پئجي وڃي ٿي ته هي ٻار اهو آهي جنهن جي ولديت نه آهي. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چي?? ته اسان جي ايوان جا اهڙا ميمبر به آهن جن اهڙا ٻار پاليا آهن ۽ انهن کي پنهنجي ٻارن کان وڌي ڪري پاليو آهي، زمين ڏني آهي، وراثت ۾ حق ??نو آهي ۽ اهڙي طرح پاليو آهي جهڙي طرح پنهنجي ٻارن کي پالين ٿا، اهو مثال اسان جي سامهون موجود آهي.