اسلام آباد- 09 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾”ڪيس ڪيڊ“ پوليس خدمت مر??ز جو دورو ڪيو. گذريل ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب پنهنج?? دور?? دوران وزيراعظم محمد شهب??ز شريف سفارتڪارن ۽ پرڏيهي شهرين لاءِ جديد سهولتن سان ليس خدمت مر??ز جي قيام جي واکاڻ ڪئي. وزيراعظم پوليس خدمت مر??ز جي قيام لاءِ گهرو وزير محسن نقوي جي قدمن کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته سفارتي برادري کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي. اسلام آباد ۾ عالمي معيار موجب ۽ حاضر دور جي گهرجن کي نظر ۾ رکندي ڪيس ڪيڊ خدمت مر??ز جو قيام واکاڻ جوڳو آهي. خدمت مر??ز ۾ سفارتي برادري ۽ پرڏيهي شهرين کي ڊرائيونگ لائسنس جاري ۽ تجديد ڪرڻ، ڪريڪٽر سرٽيفڪيٽ، جنرل پوليس وي??يف??يشن، گمشدگي رپورٽ، مسواڙين جي رجسٽريشن، فارنرز رجسٽريشن، گهريلو ملازمن جي رجسٽريشن، والنٽيئرز رجسٽريشن، گاڏين جي وي??يف??يشن ۽ ايف آءِ آر جي ڪاپي حاصل ڪرڻ جهڙيون خدمتون مهيا ڪيون وينديون. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ گهرو وزير محسن نقوي به ساڻس گڏ هئا.