اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن ج?? سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ??رج??ان پريس بريفنگ ۾ چيو ته گذريل هفتي چار ڪشميرين کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ضلعي ڪشتواڙ جي مغل ميدان جي علائقي چاس ۾ ڀارتي فوج ??ي هڪ ڪئمپ ۾ ش??يد تشدد جو نشانو بڻايو ويو. ??رج??ان چيو ته اهو واقعو گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڦهليل اهڙي قسم جي زيادتين ج?? سلسلي ۾ تازو واقعو آهي. ??رج??ان چيو ته اسان ان پريشان ڪندڙ واقعي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪريون ٿا ۽ مطالبو ڪريون ٿا ته حراست ۾ ٿيندڙ تشدد جي ذميوارن جو احتساب ڪيو وڃي.