اسلام آباد-25 ڊسمبر (اي پي پي) ملڪ جي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد سميت سڄي ملڪ ۾ قائداعظم محمدعلي جناح جو 148هون جنم ڏڻ انتهائي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. ان موقعي تي مين اسٽيم ميڊي??، ريڊيو ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارم حب الوطني جي گيتن سان گونجي ا??ٿيا ۽ قومي گيتن، دستاويزي فلمن ۽ خاص پروگرامن ذريعي پاڪستان جي باني کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ ڌار وطن جي قيام لاءِ قائداعظم جي غير متزلزل عزم کي اجاگر ڪيو ويو. هي ڏ??نهن قائداعظم جي جدوجهد ۽ قربانين کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي. ان موقعي تي سرڪاري، غير سرڪاري، نج??، فلاحي ۽ تعليمي ادارن ۾ خاص تقريبن جو بندوبست ڪيو ويو ۽ پاڪستان جي باني کي سندس خدمتن جي اعتراف ۾ ڀرپور اندا?? ۾ ??راجِ عقيدت پيش ڪيو ويو.