اسلام آباد-26 ڊسمبر (اي پي پي)قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين سان ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوغلو ملا??ات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ زرعي تعاون کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملا??ات دوران ٻنهي ڌرين اسٽريٽجڪ اڪنامڪ فريم ورڪ (ايس ايس ايف) تحت حصيداري جا نوان موقعا ڳولڻ ۽ زرعي واپار ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وفاقي وزير پاڪستان جي اعليٰ م??يا?? جي زرعي مصنوعات، جهڙوڪ چانور، ڪڻڪ، انب ۽ خشڪ ميوي جي فراهمي جي صلاحيت کي اجاگر ڪيو. هن ترڪيه کي ان مصنوعات جي روانگي واپار وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته ان سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. ملا??ات دوران زرعي تعاون ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۾ اضافو، ترڪيه لاءِ چانور، ڪڻڪ، انب جي مصنوعات جهڙي م??يا??ي شين جي روانگي واپار وڌائڻ، زرعي ميڪانائزيشن، آبي زراعت ۽ جديد آبپاشي نظام جا گڏيل منصوبا شروع ڪرڻ جي منصوبن سميت عالمي (صحت ۽ نباتاتي م??يا??) م??يا?? تي عملدرآمد جي ذريعي واپاري لاڳاپا مضبوط بنائڻ تي زور ڀريو ويو. وفاقي وزير چيو ت?? پاڪستان ۾ زراعت ۽ چوپائي مال جي شعبي ۾ ترڪيه جي سيڙپڪاري لاءِ هر ممڪن سهولتن جي فراهمي لاءِ پرعزم آهيون، ملا??ات دوران ٻنهي ملڪن زرعي پيداوار ۽ واپار کي بهتر بڻائڻ لاءِ هڪ عملي منصوبو تيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ترڪيه جي سفير پاڪستان جي اعليٰ م??يا?? جي زرعي مصنوعات کي ساراهيندي زراعت ۽ چوپائي مال جي شعبي ۾ معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي. وفاقي وزير راڻا تنوير حسين پاڪستان جي زرعي شعبي جي مڪمل صلاحيت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ترڪيه سان ڊگهي مدي واري حصيداري جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جنهن سان ٻنهي ملڪن لاءِ معاشي موقعا پيدا ٿيندا.