اسلام آباد -01 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران ۽ آذربائيجان جي صدرن کي ٽيليفون ڪيو ۽ عيدالاضحيٰ جون مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان مطابق وزيراعظم شهباز شريف ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي کي عيدالاضحيٰ جون مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم ايران جي قيادت ۽ ع??ام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ايران جي صدر ابراهيم رئيسي پاڪستان جي قيادت ۽ ع??ام کي عيد جي جوابي مبارڪ ڏني ۽ خيرسگالي جي ج??بن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ڀائر پاڙيسري ملڪن وچ ۾ به طرفي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن سرحد تي مارڪيٽون قائم ڪرڻ تي ٻه طرفي معاشي ۽ واپاري سهڪار کي هٿي ڏيڻ ڏانهن هڪ قدم قرار ڏنو. ايران جي صدر ٽيليفون ڪرڻ ۽ عيد جون مبارڪون ڏيڻ تي وزيراعظم شهباز شريف جو ٿورو مڃيو. وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف کي پڻ ٽيليفون ڪيو ۽ عيد جون مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم آذربائيجان جي ع??ام ۽ حڪومت لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. صدر الهام عليوف پڻ ??يرسگالي جي جوابي ج??بن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پنهنجي آذربائيجان جي دوري جو حوالو ڏيندي ٻه طرفي سهڪار جي عمل کي تيز بڻائڻ جو عزم ظاهر ڪيو. وزيراعظم آّذربائيجان سان ايل اين ج?? فراهمي جو عمل تيز ڪرڻ جي اميد جو پڻ ??ظهار ڪيو. صدر الهام عليوف ٽيليفون ڪرڻ ۽ عيد جون مبارڪون ڏيڻ تي وزيراعظم شهبازشريف جو ٿورو مڃيو.