اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته دنيا 8 مارچ تي عو??تن جو عالمي ڏينهن ملهائي رهي آهي، اسان ڪشمير جي انهن باهمت عو??تن کي ياد ڪرڻ چاهينداسين جن ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن کي ڄمي منهن ڏنو آهي. ترجمان چيو ته انهن وڏي پئماني تي ڏک برداشت ڪيا ۽ رڪاوٽن کي منهن ڏنو جيڪي بنيادي ضرورتن تائين انهن جي پهچ ۽ باوقار زندگي گذارڻ جي انهن جي صلاحيت ۾ رڪاوٽ آهن. هن چيو ته ڀارتي فورسز جي جعلي مقابلن سان بيواهه ۽ يتيم ٿيندڙ ڪشميري عو??تون پنهنجي خاندانن جو واحد روزگار جو ذريعو بڻجڻ تي مجبور آهن. هن چيو ته خاندانن جي سربراهي ڪندڙ عو??تن کي معاشري ۾ اضافي مشڪل??تن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ۽ باعزت نوڪرين جي ڳولا ۾ رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ترجمان چيو ته حريت اڳ??اڻ?? بشمول آسيه اندرابي، ناهيده نسرين ۽ فهميده صوفي سميت عو??ت ڪارڪن ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ڀارت جي مختلف جيلن ۾ نظربند آهن. هن چيو ته ڪشميري عو??تون پنهنجي زندگي پنهنجي مرضي موجب گذارڻ جون مستحق آهن ۽ اهي پنهنجي حقن ۽ آزادي بشمول پرامن ميڙاڪن ۽ اظهار راءِ جي آزادي جو حق رکن ٿيون.