اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پارليامينٽ ۾ قانونسازي ڪرڻ، ايوان کي هلائڻ حڪومت ۽ مخا??ف ڌر ٻنهي جي گڏيل ذميداري ۽ فرض آهي، مخا??ف ڌر ڄاڻي ٿي ته هن وقت پوري دنيا جون نظرون پاڪستان جي پارليامينٽ تي آهن، مخا??ف ڌر ضدي ۽ ناراض ٻار جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، پارليامينٽ ??يم??رن کي پگهار قوم جي پئسن مان ئي م??ندو آهي، ان لاءِ کين قومي م??اد ۽ قومي سلامتي جي معاملي تي قانونسازي لاءِ حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، حڪومت تي وڌيڪ ذميداري آهي ۽ وزيراعظم عمران خان به چاهي ٿو ته موث?? قانونسازي جي ذريعي اهو معاملو پڄاڻي تائين پهچي. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي خاص معاون چيو ته مخا??ف ڌر ناجائز مطالبا مڃرائڻ لاءِ اهڙا حربا استعمال ڪري رهي آهي.