سيالڪوٽ – 12 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ حالتون سازگار ٿي رهيون آهن ۽ اڄ دنيا هتي سيڙپڪاري ڪرڻ جي ل??ءِ تيار آهي، اسان کي پاڻ به ان جي تياري ڪرڻي پوندي، صنعتن جي فروغ لاءِ نوجوانن جي صلاحيتن مان فائدو کڻڻو پوندو، ڪامياب جوان پروگرام ??نهنجي شفافيت ۽ افاديت جي ل??اظ کان ان حوالي سان فائديمند ثابت ٿيندو، هن وقت ملڪ ۾ عمران خان جهڙو ديانتدار وزيراعظم اڳواڻ آهي، هي آزمائش جو دور آهي پر ان جي باوجود حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ جي ل??ءِ يوٽيلٽي اسٽورز ذريعي 10 ارب رپين جو پئڪيج ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيالڪوٽ ۾ ڪامياب جوان پروگرام تحت چيڪ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.