اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) وزيراعظ?? جي سماجي تحفظ ۽ غربت گهٽايو بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه ??شتر چيو آهي ته احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام تحت پهرين ٻن ڪيٽيگرين ۾ 57 لک 50 هزار مستحق خاندانن ۾ 69 ارب روپيا ورهائجي چڪا آهن، پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر ثانيه ??شتر چيو ته پهرين ڪيٽيگري تحت 80 سيڪڙو ادائيگين جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي جڏهن ته ٻي ڪيٽيگري تحت ڪم تيزي سان جاري آهي، هن ٻڌ??يو ته 3 ڪروڙ 50 لک درخواستون رد ڪيون ويون جڏهن ته 89000 ڪمپيوٽرائيزڊ شناختي ڪارڊز جي سُڃاڻپ نه ٿي سگهي، هن چيو ته ٽئين ڪيٽيگري جي لاءِ انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي، هن چيو ته پروگرام کي شفاف بڻائڻ لاءِ ڀرپور قدم کنيا ويا آهن، وزيراعظم عمران خان جي هدايتن جي روشني ۾ ان عمل کي انتهائي شفاف بڻايو ويو آهي.