اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اق?? وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته و??اق?? ڪابينا جي اجلاس ۾ چونڊ سڌارن، سرڪاي ادارن ۾ سربراهن جي مقررين، هائوسنگ جي شعبي ۾ سڌارن ۽ صحت جي شعبي ۾ نجي شعبي جي حصيداري سان اسپتالون قائم ڪرڻ جهڙن اهم ايجنڊا آئٽمز تي غور ڪيو ويو، وزيراعظم صوبن کي هدايت ڪئي آهي ته فوري طور تي صوبائي فنانس ڪميشن جوڙين ته جيئن پٺتي پيل علائقن ۾ وسيلن جي هڪ جهڙي ورڇ ممڪن ٿي سگهي، و??اق?? ڪابينا جي هيستائين 93 اجلاسن ۾ 1759 فيصلا ڪيا ويا جن مان 1579 تي عملدرآمد شروع ٿي چڪو آهي، 28 فيصلن تي عملدرامد ۾ دير آهي جڏهن ته 46 فيصلا عملدرآمد جي عمل هيٺ آهن?? ڪي اليڪٽرڪ بابت فيصلو و??اق?? ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ ٿيندو جڏهن ته و??اق?? وزير سينيٽر اعظم سواتي جي سربراهي ۾ چونڊ سڌارا ڪميٽي جون سفارشون حتمي مرحلن ۾ داخل ٿي چڪيون آهن جيڪي و??اق?? ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيون وينديون، ڀ??ڻ، آر ايل اين جي، نيشنل ٽيلي ڪميونيڪشن جي ايڊجسٽمينٽ سميت ٻيا اهم فيصلا به اجلاس ۾ ڪيا ويا، سرڪاري ملازمن جي پينشن ۽ حج جي حوالي سان خاص فنڊ قائم ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ و??اق?? ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ دوران ڪيو.