اسلام آباد – 05 آ??سٽ (اي پي پي) ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار ۽ ڪشميرين تي ڀا??تي ظلمن کي اجاگر ڪرڻ جي لا??ِ استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. گذريل هڪ سال ??ان ڀارتي غيرقانوني والاريل ڪشمير جي عوام کي بدترين دٻاءُ ۽ فوجي گهيراءُ درپيش آهي، 5 آگسٽ 2019ع تي هندستان پنهنجي آئين جي آرٽيڪل 35 اي ۽ 370 کي ملتوي ڪري ڇڏيو جنهن ڀا??تي غيرقانوني والاريل ڪشمير کي ڏنل خصوصي حيثيت کي ڪالعدم قرار ڏنو جتي ڪشميري گڏيل قومن جي منظور ٿيل قراردادن موجب پنهنجي خودمختياري جي حق لا??ِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. سڄي ملڪ ۾ استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي عوام ڀرپور انداز سان شرڪت ڪئي ۽ ڪشمير سان پنهنجي والهاڻي محبت جو اظهار ڪيو، پوري ملڪ ۾ صبح 10 وڳي هر قسم جي ٽريفڪ جي چ??پر پڻ رڪجي وئي. مختلف سياسي ۽ مذهبي پارٽين پاران ريلين ۽ جلسن جو پڻ اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ مقررين ۽ شرڪت ڪندڙن عالمي برادري ??ان مطالبو ڪيو ته ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏيڻ جي لا??ِ ٺوس قدم کنيا وڃن ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام کي انهن جي مرضي موجب جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.