اسلام آباد – 11 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فاروقيه يونيورسٽي جي مو??انا عادل جي قتل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ملڪ دشمن عنصر پاڪستان جي خلاف پنهنجي ڪڌن مقصدن ۾ ڪامياب نه ٿا ٿي سگهن. ايوان صدر پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته اسان کي هن وقت اتحاد ۽ ٻڌي جي ضرورت آهي. هن چيو ته واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي انشاءَ ??لله جلد ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو.