اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل افتخار بابر چيو آهي ته ڀارتي پا??ل??ٽ اڀي نندن جي آزادي کي ڪنهن ٻي شيءَ سان جوڙڻ انتهائي گهمراه ڪندڙ آهي، اها شيءَ ڪنهن به پاڪستاني لاءِ قابل قبول نه آهي، پلوامه واقعي ۾ ڀارت کي نه رڳو منهن جي کائڻي پئي پر پوري دنيا ۾ خواري به کنئي، دشمن جا جهاز جيڪو بارود پاڪستان جي عوا?? تي ڪيرائڻ آيو هئا اهي خ??لي جبلن تي اڇلي هليا ويا، پاڪستان اعلانيه هندستان کي ڏينهن جي روشني ۾ جواب ڏنو، دشمن جا 2 جهاز ڪيرايا، پا??ل??ٽ اڀي نندن کي گرفتار ڪيو ويو، الله جي نصرت سان اس??ن کي هندستان جي خلاف واضح فتح نصيب ٿي ۽ پوري قوم جو سر فخر مان بلند ٿيو، پاڪستان جي فتح کي سڄي دنيا ۾ به تسليم ڪيو ويو. هو آءِ ايس پي آر ڊائريڪٽوريٽ ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس کي خ??اب ڪري رهيو هو.