اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران ????ن چيو آهي ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ مناسب اضافو ڪيو آهي، بجيٽ ۾ وڌيڪ وڌائينداسين، مهانگائي گهٽ ڪرڻ لاءِ پورو زور لڳائينداسين، قيمتون گهٽ ٿيندي نظر اينديون، سينيٽ ال??ڪش?? ۾ ٻوليون لڳي ويون آهن، سينيٽ ال??ڪش?? جي خر??د ۽ وڪري جي معاملي تي وڊيو جي جاچ لاءِ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي آهي، پي ڊي ايم چوري بچايو موومينٽ آهي، اهي رليف چاهين ٿا پر رليف نه ملندو، تحريڪ لبيڪ سان معاهدي جي مطالبن کي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو، سياستدانن اربين روپين جي سرڪاري زمينن تي قبضا ڪيو آهي، جيڪڏهن حڪومتي پارٽي جي ميمبر سرڪاري زمين تي قبضو ڪيو آهي ته شڪايت ڪريو، ا??ڪش?? ورتو ويندو. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران ????ن چيو ته سينيٽ جي ال??ڪش?? ۾ گذريل 30 سالن کان ووٽ خر??د ۽ وڪرو ٿيندا پيا اچن ۽ پئسو پارٽي قيادت تائين ويندو آهي، ڪنهن ان کي روڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي، وڊيو جيڪڏهن اسان وٽ پهرين هجي ها ته جن ٻن ميمبرن کي اسان گذريل سينيٽ ال??ڪش?? ۾ پارٽي مان ڪڍيو هو انهن جي خلاف عدالت ۾ پيش ڪريون ٿا، هن چيو ته اسان کي خبر آهي ته سينيٽ جي ال??ڪش?? ۾ ٻوليون لڳي ويون آهن، بلوچستان ??ي سينيٽ جي سيٽ جي قيمت 50 کان 70 ڪروڙ روپيا هلي وئي آهي، سينيٽ ال??ڪش?? ۾ ايم پي اي پنهنجو ضمير وڪڻندا ۽ اهي سينيٽرز جيڪي پئسو ڏئي ضمير خريد ڪندا اهي ڪهڙي پاڪستان ??ي جمهوريت جي خدمت ڪندا،.